سَنت شڌارام

سَنت شڌارام: سنت شڌارام جو جنم سنه 1708ع ۾ ملتان جي لوهاڻا کـتـري ڪل ۾ ٿيو. سندس ننڍي ڀاءُ جو نالو سنت بنا رام هو. هي ٻـئـي ڀائر تصوف ويدانت ۽ حق جو درس ڏيندي اچي حيات پتافي ڳوٺ ضلعي شڪارپور کان نڪتا. سنت شڌارام ماڻهن کي ميٺ ۽ محبت جو درس ڏنو. ڪيترائي سندس مريد بنيا. ميرپور ماٿيلي جو تُلسيداس سندس ايترو معتقد ٿيو جو ساڻن گڏجي حيات پتافي ۾ اچي رهيو. جتي شڌارام کيس دعا ڪئي، جنهن ڪري وڏي عمر ۾ اولادي ٿيو. سنت شڌارام ڳوٺ حيات پتافي ۾ هڪ درويش شداڻي تي منڊلي مچائي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو